رحم علي جعفري

رحم علي جعفري: رحم علي جعفري 12 جولاءِ 1912ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم لاڙڪاڻي پي. وي اسڪول مان ۽ انگريزي تعليم سنڌ مدرسي اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. هن استادن جي ٽريننگ هڪ هڪ سال جي وقفي کانپوءِ 1942ع، 1944ع ۽ 1946ع ۾ حيدرآباد مان مڪمل ڪئي. اها تعليم ان وقت بي. اي جي ڊگري برابر هوندي هئي. رحم علي جعفريءَ جو ذريعه معاش استادي پيشو رهيو. 1941ع ۾ قديم پي. وي اسڪول لاڙڪاڻي ۾ استاد مقرر ٿيو. ن کانپوءِ هن سال 1949ع کان 1959ع تائين گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهايو، جتي پهرين اسسٽنٽ ماستر ۽ پوءِ اسڪائوٽ ماستر ٿيو. 1959ع ۾ سندس ٽيچرس ٽريننگ اسڪول سکر ۾ بدلي ٿي، جتي 1961ع تائين رهيو، جتان پوءِ ٽيچرس ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ بدلي ٿي آيو. هن 1971ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي. اسڪائوٽنگ لاءِ بيحد داد لائق ڪوششون ڪيائين. سندس فعال قيادت ۽ وڏي تجربي لاڙڪاڻي جي نوجوان نسل ۾ خدمت خلق جو جذبو پيدا ڪيو. سڄي زندگي اسڪائوٽنگ سان واڳيل رهيو. هن اسڪائوٽنگ جي شروعات 1928ع ۾ ڪئي، جڏهن پاڻ مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جو شاگرد هو. 1936ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ اسڪائوٽ جي سکيا ڪيمپ لڳي، جنهن ۾ هن به ٽريننگ حاصل ڪئي. هن مسلسل اسڪائوٽنگ ۾ ڪاميابيون ماڻڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي ۽ سندس ڪارڪردگي قابل فخر رهي. 1944ع ۾ هند جي وائسراءِ ويول کيس سرٽيفڪيٽ آف ميرٽ ڏنو. 1942ع کان 1946ع تائين حيدرآباد ۾ اسڪائوٽ سکيا ڪئمپن ۾ مسٽر لعلواڻيءَ کانپوءِ ٻئي نمبر تي هو. 1960ع ۾ پاڪ حيدري اسڪائوٽ اوپن گروپ قائم ٿيو ته رحم علي جعفريءَ لاڙڪاڻي ۾ قائم ٿيندڙ شاخ جو پهريون صدر مقرر ٿيو. هي تنظيم سان ساٿ نڀائيندي عمر جي آخري گھڙي تائين وابسته رهيو. هن 17 فيبروي 1988ع تي 76 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.


لفظ رحم علي جعفريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.07.12  عيسوي

رحم علي جعفري 12 جولاءِ 1912ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو.


1988.02.17  عيسوي

رحم علي جعفري 17 فيبروي 1988ع تي 76 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارباب حاجي عبدالله
جمن شاهه جيلاني
ڀڳت تيرٿ گر
خواجه بهاءُ الدين
ايس ايم قريشي
راجن راهيجا
فتح علي جتوئي
تيمور لنگ
پير نعمت الله قريشي
ڀڳت ٽيئون رام
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون